عرفانه ملاح

عرفانه ملاح

عرفانه ملاح

عرفانه ملاح: نامور اديب، ڪالمنگار ۽ عورتازاد اڳواڻ عرفانا ملاح، 27 آگسٽ 1974ع تي سيتا وليج، تعلقي دادوءَ ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول سيتا وليج مان، ثانوي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتا وليج مان حاصل ڪيائين، جتي سندس والد هيڊماستر هو. هن ايم. ايس. سي (ڪيمسٽري) ۾ ڪرڻ کان پوءِ مختلف نوڪريون ڪيون. تحقيق لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. فل پئي ڪئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچرار لاءِ اشتهار آيو. هوءَ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آئي. سندس پهرين ملازمت آگسٽ 2000ع ۾ نذرت ڪاليج ۾ ڪيمسٽريءَ جي ليڪچرار طور ٿي. ليڪچررشپ دوران هن پنهنجي تعليم به جاري رکي. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽريءَ جي شعبي ۾ پروفيسر آهي، جتان هن پي. ايڇ. ڊي به ڪئي آهي. هن جي اهم سڃاڻپ عورتازاد تحريڪ جي حوالي سان پڻ آهي ۽ وومـيـن ايڪـشـن فـورم سـان گـڏ عورتن کي شعور ۽ سجاڳي ڏيڻ لاءِ ‘وومين ريسرچ ۽ پبليڪيشن’ نالي هڪ ادارو به کوليو. ان کان سواءِ هڪ فيمنسٽ فورم پڻ کوليو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪجهه ورڪشاپ، سيمينار ۽ بحث مباحثن جا پروگرام جاري ڪيا، عورت جي درجي کي سمجهڻ لاءِ هن ڪافي مطالعو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هن پنهنجي ملڪ اندر ٿيندڙ سيمينارن ۽ اسٽڊي سرڪلن ۾ شرڪت پڻ ڪئي آهي. هوءَ ان سلسلي ۾ ڪالم ۽ مضمون پڻ لکندي رهي ٿي ۽ عورتن جي سلسلي ۾ هلندڙ توڙي ٻين ڪرنٽ اشوز بابت ڪي. ٽي. اين چئنل تي هلندڙ پروگرامن جي ميزبان رهندي اچي ٿي. عرفانه ملاح هڪ متحرڪ شخصيت آهي. سندس رهائش ڄام شوري ۾ آهي.


لفظ عرفانه ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.08.27  عيسوي

نامور اديب، ڪالمنگار ۽ عورتازاد اڳواڻ عرفانا ملاح، 27 آگسٽ 1974ع تي سيتا وليج، تعلقي دادوءَ ۾ اک کولي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمن شاهه شهيد
آدم ٻٽ ڊاڪٽر
حڪيم محمد صادق راڻيپوري
بن بلا/بن باالله
جميل جالبي ڊاڪٽر
غلام نبي سمو
محمد ايوب ساند
پنهور غلام محمد
ايم بي انصاري
رام رسيلا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون